الياس سيتا پوري

الياس سيتا پوري

الياس سيتا پوري

الياس سيتا پوري: اردو جو مشھور اديب، ناول نگار ۽ افسانه نويس سيتا پوري'>الياس سيتا پوري 30 آڪٽوبر 1934ع تي سيتاپور (گڏيل هندستان) ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد الياس خان هو. 1952ع ڌاري سندس خاندان ڪراچي لڏي آيو. هن لکڻ جي شروعات ٻاراڻين ڪھاڻين سان ڪئي. 16 سالن جي عمر ۾ پھريون ناول ’شڪار‘ لکيو. 1970ع ڌاري پھرين تاريخي ڪھاڻي ’خان اعظم کا تحفہ‘ لکي، جيڪا ’سب رنگ‘ڊائجسٽ ۾ شايع ٿي. سندس ناول ۽ڪھاڻين جا ڪتاب: ’کشمیر کی کلی‘، ’داستان حور‘،’بالا خانے کی دلہن‘، ’سکندر اعظم‘، ’وادی سندھ کے اسرار‘٬ ’عجائب خانہءِعشق‘٬ ’بنت حوا‘، ’پرواز خیال‘، ’تلاش بہشت‘، ’جان عالم کا پری خانہ‘، ’حرم سرا کا محبوب‘، ’خانماں برباد‘، ’راگ کا بدن‘، ’انوکھی جنگ‘، ’بھاری پتھر‘، ’فرزند آسمان‘، ’مقدس آگ‘، ’صحرا کے پھول‘، ’شیشے کی دیوار‘، ’وصال صنم‘، ’تیمور لنگ‘، ’اندر کا آدمی‘، ’پارسائی کا خمار‘، ’آشنا پرست‘ ۽ ٻيا شايع ٿيل آهن. ان کان علاوه ’سب رنگ‘ ڊائجسٽ سان 1974ع تائين وابسته رهيو. 1975ع کان وفات تائين ’سسپينس‘ ڊائجسٽ لاءِ پڻ لکندو رهيو، پھرين آڪٽوبر 2003ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


لفظ الياس سيتا پوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو